شوبز

انوشي اشرف ۽ ياسر ۾ لفظن جي ويڙهه تي ڀارت ۾ بھ تبصرا

پاڪستاني اداڪارا انوشي اشرف ۽ اداڪار ياسر حسين ۾ لفظن جي ويڙهه تي ڀارت ۾ بھ تبصرا شروع ٿي ويا آهن ۽ ڀارتي ميڊيا ان کي اختلافن جو ڪارڻ ڄاڻائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق انوشي اشرف بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان کي يونيورسل سپر اسٽار سڏيو تھ مٿس وڏي تعداد ۾ مداحن تنقيد ڪئي، اهڙن تنقيد ڪندڙن ۾ ياسر حسين پڻ شامل ٿي ويو، جنهن بعد ياسر حسين ۽ انوشي هڪٻئي کي تنقيد جواب ڏنا تھ ڀارتي ميڊيا ٻنهي ۾ اختلاف ڄاڻائي لکيو تھ انوشي کي شاهه رخ خان جي تعريف مهانگي پئجي وئي.هوڏانهن انوشي اشرف اهڙي ماحول ۾ پوسٽ شيئر ڪئي تھ پاڪستان ۽ ڀارت جا ماڻهو هڪٻئي سان نفرت جي احساس ۾ آهن، ان وچ ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياست چمڪائيندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button