
بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪيارا آڏواڻي ۽ اداڪار سڌارٿ ملهوترا بابت اطلاع آهن تھ اهي هلندڙ هفتي ئي شادي ڪري رهيا آهن، پر ڪٿان بھ ان جي تصديق ناهي ٿي سگهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارٿ ملهوترا جي شادي جي تاريخ 4 يا 5 فيبروري آهي، جنهن تي جوڙي جي شادي جون تقريبون ٿينديون، پر ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارت ملهوترا پنهنجي شادي جي تاريخن جي تصديق اڃا نھ ڪئي آهي. ياد رهي تھ راجسٿان جي هوٽل سوريا ڳڙهه کي گيٽ وي ٽو ٿر طور سڃاتو ويندو آهي.