شوبز

سجل علي جي اکين جي معصوميت شيکر ڪپور کي وڻي وئي

ڀارت جي عالمي شهرت مليل فلم ميڪر شيکر ڪپور کي پاڪستاني اداڪارا سجل علي جي اکين جي معصوميت وڻي وئي آهي. ميڊيا مطابق شيکر ڪپور هڪ انٽرويو دوران سجل علي کي مضبوط اداڪارا بھ قرار ڏنو آهي. هن جو چوڻ هو تھ مون سجل علي جي اداڪاري ۾ درد ڏٺو، اها شرميلي، نرم مزاج ۽ خوبصورت ڇوڪري بھ آهي. هن چيو تھ مون فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ وقت کيس چيو تھ روئندڙ ڇوڪري بدران مضبوط ڇوڪري ٿجا، هن ائين ئي ڪيو. هن ٻڌايو تھ ڪيترن ئي ماڻهن فلم واٽس لو گاٽ ٽو ڊو ود اٽ ۾ سجل کي ڪاسٽ ڪرڻ جو چيو هو، هن پاڻ بھ مون ڏي آڊيشن موڪليا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button