شوبز

پٺان جو باڪس آفيس تي لاڳيتو قبضو، بزنس 725 ڪروڙ ٿي ويو

بالي ووڊ فلم جي ڪنگ شاهه رخ خان جي فلم پٺان جو باڪس آفيس تي لاڳيتو قبضو برقرار آهي، جنهن جو بزنس وڌي 725 ڪروڙ ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق رليز جي 10 ڏينهن تي فلم ڀارت ۾ 13 ڪروڙ 50 لک رپيا ڪمايا آهن، جنهن بعد مقامي بزنس 364 ڪروڙ 50 لک ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي باڪس آفيس تي بزنس وڌي 725 ڪروڙ تي پهچي ويو آهي. ٻئي پاسي شاهه رخ خان سان آسڪ مي سيشن دوران هڪ مداح فلم ڏسڻ خاطر شاهه رخ خان کان کيس هڪ ڪروڙ ڏيڻ جي بھ دعوا ڪري ڇڏي آهي. جڏهن تھ ڪجهه ماڻهن باڪس آفيس انگن تي شڪ ڏيکاريا، ڪنگ خان کلي جواب ڏيندو رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button