شوبز

ڪراچي ۾ ڊرامي جي شوٽنگ دوران حراماني ۽ ٽيم تي حملو

ڪراچي ۾ ڊرامي جي شوٽنگ دوران مشهور اداڪارا حرا ماني، هدايتڪار نبيل قريشي ۽ سندن ٽيم تي رهواسين حملو ڪري ڏنو آهي، جنهن ۾ اهي بچي ويا آهن. ميڊيا مطابق هدايتڪار نبيل قريشي، حراماني ۽ ٻين سوشل ميڊيا تي مٿن حملي بابت آگاهي ڏني آهي. نبيل قريشي ٻڌايو تھ اهي ڪراچي ۾ پي آئي بي جي علائقي جمشيد ڪوارٽر ۾ ڊرامي جي شوٽنگ ڪري رهيا هئا تھ مڇريل رهواسين حملو ڪيو، حملو ڪندڙن وٽ هٿيار هئا، انهن عورتن جو بھ خيال نھ ڪيو، فون ۽ ٻٽون ڦري ويا آهن. هوڏانهن حراماني جو چوڻ آهي تھ انتهائي خراب واقعو ٿيو آهي، دعا ڪيان ٿي تھ ٻيهر ائين ڪنهن سان نھ ٿئي. هوڏانهن ماهرا خان ٽيم تي حملي جي مذمت ڪندي سوال ڪيا آهن تھ ٻڌايو وڃي تھ واقعي جو ذميوار ڪير آهي ۽ ڪير جواب ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button