
پاڪستاني اداڪارا آمنا الياس ڪراچي ۾ ڪوسٽ گارڊ عملي پاران ڇاپن دوران پڪڙيل منشيات کي باهه ۾ ساڙڻ واري ڪاروائي ۾ شرڪت ڪئي آهي. ميڊيا مطابق آمنا الياس منشيات ساڙڻ واري ڪاروائي دوران سڙندڙ منشيات آڏو بيهي سيلفيون ورتيون، جنهن جي هن وڊيو پڻ شيئر ڪري ڇڏي آهي.