
بارباڊوس ڄائي آمريڪي ڳائڻي ريحانا وڏي عرصي بعد شو ڪندي سپر بائول ۾ شاندار پرفارمنس ڏني آهي، پر هن شو ۾ پراڻا گيت پيش ڪيا آهن. ميڊيا مطابق ريحانا پروگرام ۾ وي فائونڊ لو، ويئر هيوو يو بين، اونلي گرل ۽ ٻيا گيت پيش ڪري مداحن کا داد ورتو، پر اڪثر مداح نوان گيت پيش نھ ڪرڻ تي مايوس ٿيا. ريحانا شو کي پٽ جي نالي ڪيو آهي.