شوبز

ترڪيا زلزلي ۾ ڊرامي ڪورلش عثمان جو اداڪار زال سميت فوت

ترڪيا ۾ آيل انتهائي شديد زلزلي ۾ ترڪ ڊراما سيريز ڪورلش عثمان جو اداڪار ۽ سندس زال عمارت جي ملبي ۾ دٻجي فوت ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق اداڪار جانگدس جانڪيا ۽ زال زيلان تگرس ڊٿل عمارت جي ملبي ۾ دٻجي فوت ٿيا آهن، جنهن جي تصديق ڊرامي جي پراڊڪشن ڪمپني ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ جانگدس جانڪيا ۽ سندس زال زيلان تگرس زلزلي ۾ ڊٿل عمارت جي ملبي ۾ دٻجي ويا هئا، جن جي فوت ٿيڻ جي هاڻ تصديق ٿي آهي. جانگدس ڊراما سيريز ۾ قونيا محل جي سپاهي جو ڪردار ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button