شوبز

خبر ناهي تھ مرد ڪهڙي ٽينشن ۾ هوندا آهن: سونيا حسين

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا سونيا حسين بيوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي تھ خبر ناهي تھ مرد ويچارا ڪهڙي ٽينشن ۾ هوندا آهن جو انهن جي مٿي جا وار ڇڻي ويندا آهن. ميڊيا مطابق ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ مشاهدي ۾ ڏٺو ويو آهي تھ عورتن جا وار بهتر حالت ۾ هجن ٿا، مردن جي مٿي جا وار جلد هليا ويندا آهن. جڏهن تھ مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي تھ تقريبن سمورا ماڻهن نقلي وار لڳرائين ٿا. هن چٿر واري لهجي ۾ چيو تھ جيڪڏهن مون اهو ٻڌو تھ ملڪ ۾ مهانگائي هاڻ نھ آهي تھ بيهوش ٿي ويندس، ڇوتھ اها ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. هن چيو تھ ماڻهو سمجهن ٿا تھ ڪيريئر ٺاهيندڙ عورت پنهنجو گهر ڊاهي ٿي، پر اها سوچ غلط آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button