شوبز

پاڪستاني شوبز ستارا پيٽرول اگهن واڌ تي تپي باهه

حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن واڌ تي پاڪستاني شوبز ستارا بھ تپي باهه ٿي ويا آهن، جن سخت تدعمل ڏنو آهي. ميڊيا مطابق اداڪار ۽ راڳي فرحان سعيد عام ماڻهن تي چٿر ڪندي چيو آهي تھ، پاڪستانيو، جي پيٽرول 500 رپيا ليٽر ٿي وڃي، تڏهن بھ توهان گاڏين ۾ پيٽرول وجهرائيندا. هوڏانهن ثمينا پيرزادا جو چوڻ هو تھ ظالمو بس ڪيو، ڌرتي امڙ کي جيئڻ بھ ڏيو ۽ ماڻهن کي ساهه کڻڻ ڏيو. رابي پيرزادا جو چوڻ هو تھ قائداعظم جي چوڻي ياد اچي وئي تھ اسين قوم نھ ماڻهن جو هجوم آهيون، جيڪي رڳو ذاتي مفادن تي سوچيندا آهن. جڏهن تھ مشي خان ۽ ٻين فنڪارن پڻ ڪاوڙ ڏيکاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button