شوبز

ڪبرا خان گوهر رشيد سان شادي واري سوال جو جواب نھ ڏنو

پاڪستاني اداڪارا ڪبرا خان گوهر رشيد سان شادي بابت مداح جي پڇيل سوال تي جواب نھ ڏنو ۽ مسڪرائي ان کي ٽاري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت دوران ميزبان جوڙي جي دوستي ۽ سندن شادي بابت تبصرن توڙي مداحن جي تجويزن تي ڪبرا خان کان سوال ڪيا. ميزبان ڪبرا خان کي هڪ مداح جي تجويز تھ گوهر رشيد ۽ ڪبرا شادي ڪري ڇڏين تي ڪبرا خان جواب ڏيڻ بدران ڳالهه ٽاري ڇڏي. هن چيو تھ گوهر رشيد ۽ مان سٺا دوست آهيون، اهو غلط آهي تھ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري دوست نٿا ٿي سگهن، مان ان ڳالهه سان متفق ناهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button