شوبز

پرڻيل مرد سان ڪابھ ڪمٽمينٽ نھ ڪندي آهيان: عائشا عمر

پاڪستاني اداڪارا عائشا عمر ڪرڪيٽر شعيب ملڪ ۽ سندس زال ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا وچ ۾ وڇوٽين بابت خاموش ختم ڪندي چيو آهي تھ مان پرڻيل مرد سان ڪابھ ڪمٽمينٽ نھ ڪندي آهيان. شعيب اختر جي ٽاڪ شو ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن ٻڌايو تھ مون کي سڃاڻڻ وارا ڄاڻن ٿا تھ مون کي شادي شدا مرد متاثر نھ ڪري سگهندا آهن، شعيب ملڪ سان بولڊ فوٽو شوٽ وارو تڪرار بھ پاڙيسري ملڪ مان گهڻو وڌايو ويو. هن چيو تھ اهڙي نھ آهيان جو ڪنهن پرڻيل مرد جي زندگي جو حصو بڻجڻ جي ڪوشش ڪيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button