شوبز

مارننگ شو ڪندي پنهنجي اهميت جي ڄاڻ نھ هئي: ناديا خان

پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ مارننگ شوز جي ميزبان ناديا خان انڪشاف ڪيو آهي تھ مارننگ شو ڪندي پنهنجي اهميت جي ڄاڻ نھ هئي، تنهنڪري جيڪو معاوضو مليو، ان تي صبر ڪيو. پوڊڪاسٽ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ دبئي مان شو شروع ڪيا، تھ مون کي پاڪستاني هڪ لک رپيا پهريون معاوضو ڏنو ويو، اهو معاوضو دبئي جي حساب سان گهٽ هو، ڄاڻ نھ هجڻ ڪري ان ڳالهه تي ڌيان نھ ڏنو. هن چيو تھ مان جڏهن پاڪستان آيس ۽ شو بند ڪيو ويو تھ اداري کي وڏي تعداد ۾ فون آيا تھ ناديا ڪٿي آهي، شو ڇو بند ڪيو آهي، بعد ۾ ساڳئي اداري 3 لک رپيا معاوضو ڏيڻ تي راضپو ڏيکاري آگاهه ڪيو تھ منهنجي وڏي اهميت آهي، پر سمجهي نھ سگهيس تھ مون ايڏا پيسا مون کي ڇو پيا ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button