شوبز

هراسمينٽ بعد پيار ٿيڻ وارا ڊراما ناهيان ڪندي: سجل علي

پاڪستان جي باصلاحيت اداڪارا سجل علي چيو آهي تھ ڊرامن ۾ ڇوڪري کي هراسان ڪرڻ، ٿڦڙ هڻڻ ۽ ڊپ ۾ آڻڻ بعد پڄاڻي ان ئي ڇوڪري سان پيار ٿيڻ وارا ڊراما مان نھ ڪندي آهيان. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ مون ذاتي طور تي عورت کي ڪمزور ڏيکارڻ ۽ هراسان ڪرڻ وارن ڊرامن خلاف ويڙهه ڪئي آهي ۽ ڪيترائي پراجيڪٽ ڇڏيا آهن. سجل علي چيو تھ عورت کي روئندڙ رڙندڙ ۽ ڪمزور حالت ۾ ڏسي نھ سگهندي آهيان. فلم واٽس لوو گاٽ ٽو ڊو ود اٽ جي ڏس ۾ جمائما ۽ شيکر ڪپور منهنجي آڊيشن کي پسند ڪيو آهي تھ اهو مون کي وڏو سرپرائيز هو. هن چيو تھ شبانا اعظمي سان گڏ ڪم ڪرڻ کان اڳ خوف هو، پر اها انتهائي وڏي دل واري آهي، تنهنڪري ساڻس گڏ رهي مزو آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button