شوبز

مهوش حيات ۽ ڪبرا خان خلاف وڊيوز هٽائڻ جو ڪم هلندڙ

سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ايف آئي اي رپورٽ جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي تھ پاڪستان جي ٻن مشهور اداڪارائن مهوش حيات ۽ ڪبرا خان خلاف نامناسب وڊيوز سوشل ميڊيا تان هٽائڻ جو ڪم هلندڙ آهي. مهوش حيات ۽ ڪبرا خان خلاف عادل فاروق راجا پاران نامناسب الزامن واري وڊيوز شيئر ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل بيچ ڪئي، جنهن دوران ايف آئي اي اختيارين اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو تھ اهي ڪم ڪري رهيا آهن. مهوش حيات جي وڪيل دليل ڏيندي عدالت کي ٻڌايو تھ سوشل ميڊيا تان مواد اڃا تائين ناهي هٽايو ويو، نھ مهم هلائيندڙ اڪائونٽ بند ٿيا آهن. ايف آئي اي نمائندي جو چوڻ هو تھ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي جي لاڳاپيل اختيارين کي چيو آهي. جڏهن تھ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏيندي چيو تھ ايف آئي اي وارا چون ٿا تھ ڪم ڪيون پيا، جن رپورٽ بھ جمعن ڪرائي آهي، تنهنڪري انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button