شوبز

لوڪ ڳائڻو واسو خان ساهه جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو

بلوچ راڳي واسو خان ساهه جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن جي تدفين نصيرآباد جي ڳوٺ رستم گاجاڻي ۾ تدفين ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق واسو خان مشهور راڳي شهزاد رائي سان گڏجي اپني الو، واجا ۽ بائي بائي جهڙا گيت ڳائي شهرت ماڻي، سندس ڄاڻايل گيتن ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي منظرڪشي ڪئي وئي هئي، جنهن سبب واسو جي آُواز کي تمام گهڻي مڃتا ملي آهي. واسو خان ڪجهه عرصي کان ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا هو، جنهن سکر جي خانگي اسپتال ۾ دم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button