شوبز

پاڪستان جي پهرين ترانسجينڊر ميزبان مارويا تي قاتلاڻو حملو

پاڪستان جي پهرين ترانسجينڊر ميزبان مارويا ملڪ تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي، جيڪا مٿس ڪيل ڇتي فائرنگ ۾ معجزاڻي نموني بچي وئي آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي علائقي ڪينٽومينٽ ۾ دوا لاءِ گهران نڪرندڙ مارويا ملڪتي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، پر اتفاق سان گوليون کيس نھ لڳي سگهيون آهن. پوليس کي ڏنل بيان ۾ مارويا ملڪ دعوا ڪندي چيو آهي تھ کدڙن فقيرن جي حق ۾ آواز اٿارڻ تان مون کي فون تي ڌمڪيون ملنديون رهون آهن، خوف ۾ لاهور کان اسلام آباد ۽ ملتان منتقل ٿيس، سرجري ڪرائڻ لاهور آيس تھ حملو ٿيو آهي. هن چيو تھ منهنجي قتل جي ڪوشش پويان سرگرم رهڻ بھ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button