شوبز

پاڪستاني فلمون نور ۽ پهچان ڪينز فلمي ميلي ۾ پيش ٿينديون

پاڪستان جون 2 فلمون نور ۽ پهچان ڪينز فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪرڻ لاءِ چونڊيون ويون آهن. ميڊيا مطابق ڪينز فلم فيسٽيول جي انتظاميا پنهنجي سماجي رابطن واري پيج تي ايونٽ ۾ پيش ٿيندڙ فلمن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ پاڪستان مان هدايتڪار عمير عادل جي نور ۽ محمد احسان جي پهچان کي پڻ شامل ڏيکاريو ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ اختيارين جو چوڻ آهي تھ ايوارڊ کٽيندڙ فلمن جا نالا فهرست ۾ شامل ناهن، جاري ڪيل فهرست وارين فلمن کي جلد ايوارڊ ڏنا ويندا. هوڏانهن پاڪستاني فلمن جي هدايتڪارن فهرست ۾ نالو اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button