شوبز

پاڪستان مان ڀارت واپسي تي لڳو ڄڻ ٽين جنگ کٽي آيو آهيان: جاويد اختر

بالي ووڊ فلمن جا گيت لکندڙ نامياري شاعر ۽ ليکڪ جاويد اختر چيو آهي تھ پاڪستان مان ڀارت واپس اچڻ تي ائين پيو محسوس ڪرايو وڃي ڄڻ مان ٽين جنگ کٽي آيو آهيان. ممبئي ۾ هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي جاويد اختر ٻڌايو تھ لاهور ۾ پروگرام دوران پنڊال ۾ هڪ ماڻهو جي سوال جي جواب ۾ مون پاڪستان بابت ڳالهه چئي، ان کي ڀارت ۾ ميڊيا وڌائي پيش ڪيو آهي، مون ان ماڻهو جي سوال جي جواب ۾ چيو تھ جيڪڏهن پاڪستانين کان ڀارتين کي ڪا شڪايت آهي اهي ان جو اظهار ڪرڻ جو حق رکن ٿا، ڇوتھ ڀارتي شهرين کي شڪايت آهي تھ ممبئي حملي وارا جوابدار پاڪستان ۾ گهمن پيا. هن چيو تھ مون اها ڳالهه سچي دل ۽ وڏي احترام سان چئي، اتي ماڻهن بھ وڏي دل کي ٻڌي ۽ داد ڏنو، پر ڀارت ۾ منهنجي ڳالهه تي جيڪا تعريف ٿي رهي آهي، ان سان مون کي پاڻ تي رمندگي محسوس ٿئي پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button