شوبز

مي ٽو مهم جي لاءِ ڪابھ پرڏيهي فنڊنگ نھ ٿي: ميشا شفيع

پاڪستاني ڳائڻي ميشا شفيع خلاف علي ظفر جي هتڪ عزت ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران وڪيل جي جرح دوران سوالن جا جواب ڏيندي ميشا شفيع چيو آهي تھ مي ٽو مهم هلائڻ جي لا اسان کي ڪابھ پرڏيهي فنڊنگ نھ ٿي آهي. ميڊيا مطابق علي ظفر جي هتڪ عزت ڪيس ۾ جرح دوران علي ظفر جي وڪيل ميشا کان سوال ڪيو تھ فنڊنگ ناهي ٿي تھ اوهان جا اڪائونٽ ڇو منجمد ڪيا ويا، جنهن تي ميشا ٻڌايو تھ بينڪ اڪائونٽ مينجمد ٿيڻ بابت مون کي خبر ناهي، وڪيل ئي ٻڌائي سگهي ٿو. هوڏانهن عدالت جرح جاري رکڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button