شوبز

قوي خان جي وڇوڙي تي شوبز انڊسٽري ۾ سوڳ پکڙجي ويو

پاڪستان جي سينيئر ترين اداڪار قوي خان جي وڇوڙي تي شوبز انڊسٽري ۾ سوڳ پکڙجي ويو آهي، جنهن سبب هر اک آلي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني جي اداڪارائن توڙي اداڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ٻين شخصيتن قوي خان جي لاڏاڻي کي هڪ ليجنڊ جي موڪلاڻي قرار ڏئي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي. شائستا لوڌي، مشي خان، فرحان سعيد، عدنان صديقي، علي ظفر، شان شاهد بھ صدمي ۾ ورتل آهن،

قوي خان جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندڙ اداڪار

اهڙي ريت مريم نفيس، عروا حسين، عدنان سميع، واسع چوڌري ۽ ٻين قوي جو وڇوڙو شوبز انڊسٽري جو وڏو نقصان ڄاڻايو آهي. فنڪارن تبصرن ۾ لکيو تھ قوي صاحب، اوهان جهڙو، نھ ٻيو ٿيو، نھ ٿيندو، نھ آيو ۽ نھ ايندو، اوهان هاڻ الله حوالي آهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button