شوبز

شوٽنگ ۾ ڪاري وڇون ڏنگ هنيو، لڳو مري وينديس: مائرا خان

پاڪستاني اداڪارا مائرا خان انڪشاف ڪيو آهي تھُ فلم جي شوٽنگ دوران ڪاري خطرناڪ وڇون مون کي ڏنگ هنيو، جنهن سان لڳو تھ مان مري رهي آهيان. ٽي وي شو دوران ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ زندگي ۾ ٻھ ڀيرا خطرناڪ حادثن سبب موت جي منهن ۾ ويندي واپس نڪتي آهيان، هڪ ڀيرو سوات جي قبرستان ۾ فلم جي شوٽنگ ڪندي هڪ ڪاري وڇون ڏنگ هڻي ورتو هو، اسپتال منتقل ڪري علاج ڪيو ويو، ڊاڪٽرن ٻڌايو تھ جلد اچڻ سبب ٺيڪ ٿي آهين. مائرا چيو تھ ٻيو ڀيرو سوات جي ئي جابلو رستي تي گاڏي چاڙهي پئي تھ ڪلٽي ٿي ڪري پئي، اتي موت اکين سان ڏٺو. هن چيو تھ زرنش خان پاڻ بھ اداڪارا هوندي شوبز جي ٻين ماڻهن جي معاملن ۾ پوندي رهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button