شوبز

ستيش کي 15 ڪروڙ جي قرض تان قتل ڪرڻ جو انڪشاف

بالي ووڊ فلمن جي مشهور ڪاميڊين ۽ هدايتڪار ستيش ڪوشڪ کي 15 ڪروڙ رپين جي قرض خاطر ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا مطابق ڀارت جي هڪ واپاري جي زال پوليس کي خط لکي پنهنجي ئي مڙس تي ستيش ڪوشڪ کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ سانوي مالو دهلي پوليس کي خط لکي ڄاڻايو آهي تھ سندس مڙس واپاري وڪاس مالو کي ستيش ڪوشڪ 15 ڪروڙ رپيا قرض ۾ ڏنا، جنهن جي واپسي جي هو گهر ڪندو هو، ان سلسلي ۾ پرڏيهه ۾ ڳالهيون بھ ٿيون. سانوي لکيو تھ، جئين تھ ستيش منهنجي مڙس جي فارم هائوس تي بيمار ٿيو، تنهنڪري شڪ آهي تھ کيس ان قتل ڪرايو آهي. ياد رهي تھ پوليس شڪي دوائون تحويل ۾ ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button