شوبز

آسڪر ايوارڊ ۾ 60 سالن بعد ڳاڙهي قالين جو رنگ تبديل

شوبز دنيا جي سڀ کان وڏي آسڪر ايوارڊ ۾ هن ڀيري اداڪارائون ريڊ ڪارپيٽ تي جلوا نھ ڏيکارينديون، ڇاڪاڻ تھ ايوارڊ جي 60 ورهين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قالين جو رنگ تبديل ڪري مٽي جهڙو رنگ چونڊيو ويو آهي. ميڊيا مطابق انوويشن ڪنسلٽنٽ ليزا ليو ۽ راول اويلا قالين جو رنگ بدلائڻ جو فيصلو ورتو، جنهن بعد ڊولبي ٿيٽر ٻاهران نئين رنگ جو قالين وڇرايو ويو آهي، جنهن سان آسڪر جي ريڊ ڪارپيٽ واري سڃاڻپ هاڻ شايد ماضي جو قصو بڻجي ويندي. آسڪر ايوارڊ جي تقريب ۾ ماڊلز، ادڪارائون ۽ راڳي مٽي جي رنگ جهڙي قالين تي پنهنجي حسن جا جلوا ڏيکارينديون. ٻڌايو وڃي ٿو تھ 1961ع کان شروع آسڪر تقريب ۾ 1966ع ۾ ڳاڙهو قالين وڇايو ويو، 2023ع ۾ اهو رنگ تبديل ڪيو ويو آهي. تقريب جي ميزباني جمي ڪيمل ڪندو، جنهن جو چوڻ آهي تھ قالين جي نئين جو مطلب آهي تھ اسين انتهائي پراعتماد آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button