شوبز

مفتي قوي ۽ شيخ رشيد جي معاملن ۾ حق تي هئس: حريم شاهه

پاڪستان جي تڪراري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه انڪشاف ڪيو آهي تھ مفتي قوي ۽ شيخ رشيد جي معاملن ۾ حق تي هئس، نھ تھ اهي مون کي بخش نھ ڪن ها. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو دوران حريم شاهه ٻڌايو تھ مفتي قوي کي ٿڦڙ هڻڻ غلطي نھ هئي، ائين نھ هجي تھ اهو مون تي ڪيس تھ داخل ڪرائي سگهيو پئي. هن اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد بابت چيو تُ ان جي معاملي ۾ بھ جيڪڏهن غلط هجان ها تھ ڇا هو ڇڏي ڏئي ها، مون تي ڪيس ڪري گم ڪرائي ڇڏي ها، پر ائين نھ ڪيائين، ڇوتھ مان غلط نھ هئس. هن چيو تھ منهنجا جيترا بھ تڪرار آهن انهن ۾ غلط ناهيان، ٻي صورت ۾ عدالتن ۾ چڪر ڪاٽرايا وڃن ها، ائين نھ ٿيو. حريم شاهه اڳوڻي دوست تي سنگين الزام لڳائيندي چيو تھ صندل خٽڪ ڳجهي شادي ڪري رکي آهي، اها جسم فروشي ۾ بھ ملوث رهي ٿي، مون کيس شهرت مون ڏياري، ڇوتھ ان جي گهر ۾ ڪمائڻ وارو ڪوبھ نھ هو،

حريم شاهه مڙس سان گڏ موجود آهي

هاڻ پيرن تي بيهڻ بعد مون تي ئي الزام پئي لڳائي. هن چيو تھ هن مون تي ڪوڙي شادي رچائڻ ٻار ضايع ڪرائڻ سميت ڪوڙا الزام پئي هڻي، نامناسب وڊيو ليڪ ڪيائين، جنهن خلاف ايف آئي کي درخواست ڏني آهي، انصاف نھ مليو تھ عدالت بھ وينديس. حريم شاهه پاڻ تي الزامن جو ٻڌي جذباتي ٿي وئي ۽ هن شو دوران روئي ڏنو، جنهن تي ميزبان اچي کيس دلاسو ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button