شوبز

سوارا ۽ فهد جي شادي جو آجياڻو سياسي تقريب بڻجي ويو

بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا سوارا ڀاسڪر ۽ سياستدان فهد احمد جي شادي جي آجياڻي ۾ سياسي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري تقريب کي سياسي بڻائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سوارا ڀاسڪر ۽ فهد احمد جي شادي جي آجياڻي ۾ گهرڀاتين، ويجهن دوستن سان گڏ سياسي شخصيتن ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي، دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجروال، ششي ٿرور، جيا بچن، سپريا سولي پڻ شرڪت ڪئي آهي، جنهن سان تقريب شادي بدران سياسي ڪاڄ ۾ بدلجي وئي. جڏهن تھ جوڙي کي مهمانن ملاقات ڪري مبارڪ ڏيڻ سان گڏ دعائون پڻ ڏنيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button