شوبز

صنم سعيد ۽ فواد جي ڊراما سيريز برزخ جو پوسٽر رليز

پاڪستاني اداڪارا صنم سعيد ۽ سپر اسٽار فواد خان پنهنجي نئين ايندڙ ڊراما سيريز برزخ جو پوسٽر رليز ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق صنم سعيد ۽ فواد خان ڌار ڌار پوسٽر رليز ڪري ان جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ، برزخ اوهان کي پيار ۽ زندگي جو تعارف ڪرائيندڙ زمين تي ڀليڪا چئي ٿو،

ڊراما سيريز برزخ جو رليز ڪيل پوسٽر

هي اها سرزمين آهي، جتي زندگي جو مطلب ئي بدلجي وڃي ٿو. هوڏانهن مداحن شاعراڻي ۽ آرٽسٽڪ انداز واري پوسٽر تي ڀرپور نموني سان پيار جو اظهار ڪيو آهي. ماهرا خان ڪمنٽس ۾ باهه لڳائي ڇڏڻ وارا ايموجيز شيئر ڪري تبصرو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button