شوبز

شادي بعد مڙس جو نالو لڳائڻ بنا ڪم ڪنديس: ملائڪا

بالي ووڊ جي اداڪارا ملائڪا اروڙا چيو آهي تھ شادي ڪرڻ بعد مان نئين مڙس جي مشهور نالي کي پاڻ سان گڏ لڳائڻ بنا ئي ڪم ڪنديس. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن ٻڌايو تھ مون کي اڳوڻي مڙس کان طلاق ملڻ بعد ماڻهن مشورو ڏنو تھ خان جو نالو پاڻ کان ڌار نھ ڪيان، ڇوتھ ان سان فائدا مليا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ بھ ملندا. هن چيو تھ مون اهڙن مشورن جي پرواهه نھ ڪئي، ڇوتھ مون کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي. هن چيو تھ پٽ جي پالنا لاءِ مان ارباز اڄ بھ بهتر انسان آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button