شوبز

ڪو پسند اچي ويو تھ ان وقت ئي شادي ڪنديس: يشما گل

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا يشما گل انڪشاف ڪيو آهي تھ مون کي جڏهن بھ ڪو پسند اچي ويو تھ ان وقت ئي شادي ڪري ڇڏيندييس. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ مون کي والدا چوندي رهندي آهي تھ 29 سالن جي ٿي وئي آهين، شادي ڪري گهر وسائي، ڪٿي ٻئي نھ پر شوبز انڊسٽري مان ڪو جوڙ ڳولي وٺان، پر منهنجو کيس جواب هوندو آهي تھ جڏهن بھ ڪو وڻيو تھ ترت شادي ڪري ڇڏينديس. هن چيو تھ پاڪستاني اداڪارن ۾ ڪو متاثر نٿو ڪري، پر فيروز خان جي شخصيت پسند آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ يشما ٻڌايو تھ ڪراچي بنا ڪٿي بھ رهي نھ سگهنديس، مون کي يقين آهي تھ محبت پاڻ ئي ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button