
بالي ووڊ کي مرداني، پرينيتا، لفنگي پرندي، لگا چونري مين داغ جهڙيون فلمون ڏيندڙ هدايتڪار پرديپ سرڪار ديهانت ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق پرديپ سرڪار گڙدن جي بيماري سبب اسپتال ۾ دم ڏنو، جنهن جي موت جي افسوسناڪ خبر هدايتڪار هنسل مهتا شيئر ڪئي آهي. هوڏانهن ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پرديپ سرڪار جي موت جي خبر ملندي ئي سوڳ پکڙجي ويو آهي. هوڏانهن اجي ديوگن، نتن مڪيش، منوج باجپائي پرديپ سرڪار جو وڇوڙو نقصان قرار ڏنو آهي.