شوبز

دپيڪا ۽ رنوير ۾ اختلافن جا پڙاڏا، هٿ هٿ ۾ ڏيڻ کان انڪار

بالي ووڊ جي آئيڊيل جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ سندس مڙس رنوير سنگهه وچ ۾ اختلافن جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا آهن، جنهن جو اظهار هڪ تقريب ۾ دپيڪا پاران رنوير جي هٿ هٿ ۾ ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ آهي. ميڊيا مطابق ممبئي ۾ تقريب دوران رنوير سنگهه زال جو هٿ پڪڙڻ چاهيو تھ دپيڪا پڊوڪون ان کي نظرانداز ڪري اڳيان وڌي وئي ۽ کيس هٿ نھ ڏنو. هوڏانهن وڊيو تي تبصرن ۾ مداحن جي وڏي تعداد جوڙي ۾ اختلافن جي دعوا ڪئي، ڪجهه ماڻهن رنوير سنگهه تي نشو ڪرڻ جا الزام هنيا آهن. مداحن تبصرن ۾ لکيو تھ، فلمن جي ناڪام ٿيڻ تي رنوير نشو ڪري ٿو، هن ڪيترائي افيئر بھ ڪيا آهن، جنهن تي دپيڪا ساڻس تمام گهڻي ڪاوڙيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button