شوبز

ٽي وي چينل بحران ۾ لڳن ٿا، شوز ڏکيا ٿي پيا آهن: ناديا

پاڪستان جي مشهور مارننگ شو ميزبان ۽ اداڪارا ناديا خان انڪشاف ڪيو آهي تھ ٽي وي چينل بحران ۾ لڳن ٿا، تنهنڪري سٺا ۽ معياري شوز ڏکيا ٿي پيا آهن. هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ماڻهن کي مون وٽان بهترين شو ڪرڻ جي اميد آهي، اڳي مهانگا شوز ڪندي رهي آهيان، تنهنڪري گهٽ بجيٽ ۾ ڇا ڪنديس. ناديا خان چيو تھ 2010ع بعد مالي بحران ٽي وي چينلن کي متاثر ڪيو، صورتحال خراب ٿي آهي، اڳي فنڪارن کي انٽرويوز جا پيسا ڏنا ويندا هئا، رهائش ۽ کاڌو پيتو ڌار ڏيندا هئاسين، پر هاڻ ائين ڪونهي. هن چيو تھ مارننگ شوز وڏو ڪاروبار آهن، هاڻ ٽي وي چينل اهي نٿا ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button