شوبز

ماڌوري پنهنجو قيمتي گهر 369 ڪروڙ رپين ۾ وڪڻي ڇڏيو

بالي ووڊ جي ڊانسنگ ڪوئين ماڌوري ڊڪشٽ پنهنجو قيمتي گهر 369 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، ممبئي جي مهانگي ترين علائقتي مالابار هلز ۾ واقع 3 ماڙ اپارٽمينٽ کي ڀارت جي مشهور واپاري جي پي تپاريا جي گهرڀاتين خريد ڪيو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ اپارٽمينٽ لوڌا گروپ جي ملڪيت هو، جيڪو جي پي تپاريا وارن ميڪرو ٽيڪ ڊولپرز کان ورتو آهي، جنهن جي ايراضي 27 هزار 360 اسڪوائر فوٽ آهي ۽ اهو في اسڪوائر فوٽ هڪ لک 36 هزار رپين ۾ ورتو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا هن سودي کي ڀارت جو مهانگو ترين سودو قرار ڏئي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button