شوبز

ناانصافي خلاف ويڙهه تي ٻڌل ڊرامي جندو جو ٽريلر رليز

پاڪستان جي بلاڪ بسٽر فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ ۾ دارو جي ڪردار سان پنهنجي فني صلاحيتن کي مڃرائيندڙ اداڪارا حميما ملڪ هاڻ نئين ٽي وي ڊرامي جندو جو ٽريلر رليز ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق حميما ملڪ ڊرامي ۾ پنهنجي مک ڪردار جندو کي منفرد قرار ڏنو آهي. جڏهن تھ باقي ڪاسٽ ۾ شامل سمعيا ممتاز، نعيما بٽ، گوهر رشيد، هاجرا يامين جون جهلڪيون بھ ٽريلر ۾ شامل ڪيون ويون آهن، پر ٽريلر ۾ ڊرامي جي ڪهاڻي ڳجهي رکي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button