شوبز

ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، شادي بابت سوال نھ ڪيا وڃن: نيلم منير

پاڪستاني اداڪارا نيلم منير شادي بابت سوال جي يلغار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي تھ مان اڃا ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، تنهنڪري شادي بابت سوال نھ ڪيا وڃن. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران سوالن جي جواب ۾ چڙ مان نيلم منير جواب ڏيندي چيو تھ ميڊيا جي ماڻهن کي منهنجي شادي جي ڳڻتي مون کان وڌيڪ ٿيڻ جا ڇا سبب آهن. هن جو چوڻ هو تھ جڏهن مون کي ڪا پريشاني ناهي تھ دوستن کي منهنجي شادي جي ڳڻتي نھ ڪرڻ گهرجي. نيلم منير چيو تھ منهنجي شادي جي خبر مداحن کي اوچتو ٻڌڻ لاءِ ملندي ۽ سادگي سان ئي ڪنديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button