شوبز

شيري شاهه ۽ شمعون جي شادي 4 سال اڳ ٿيڻ جو انڪشاف

پاڪستاني ماڊل شيري شاهه ۽ اداڪار شمعون عباسي جي شادي 4 سال اڳ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا مطابق شيري شاهه پاران شادي جي ڳالهه ظاهر ڪرڻ بعد شمعون عباسي پڻ شادي جو اعتراف ڪري ورتو آهي. هن پنهنجي پيغام ۾ آگاهي ڏني آهي تھ شيري شاهه ۽ مون چار سال اڳ شادي ڪئي، پر سوشل ميڊيا تي ردعمل سبب چپ رهياسين. هن چيو تھ هينئر بھ ڪيترائي ماڻهو چٿرون ڪرڻ لا تيار هوندا، پر مان انهن دوستن جو ٿورائتو آهيان، جن اسان کي دعائن ۾ ياد ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button