شوبز

شرمين چنائي اسٽار وارز فلم جي هدايتڪار طور ٽيم ۾ شامل

پاڪستان جي آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ هدايتڪارا ۽ پروڊيوسر شرمين عبيد چنائي هالي ووڊ جي مشهور سيريز اسٽار وارز فلم جي هدايتڪار طور ٽيم ۾ شامل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق لنڊن ۾ اسٽار وارز سيليبريشن جي تقريب ۾ هالي ووڊ اسٽار وارز سيريز جي ٽن نين فلمن جو اعلان ڪري هڪ فلم جي هدايتڪار طور شرمين عبيد چنائي جي نالي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

شرمين عبيد چنائي تقريب ۾ شريڪ آهي

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ شرمين عبيد چنائي پهرين پاڪستاني، ايشيائي ۽ اڇي رنگ کان هٽيل شخصيت طور بھ ڪهڪشائن جي دنيا کي پيش ڪندي. هوڏانهن جاري ڪيل پيغام ۾ شرمين عبيد چنائي ٻڌايو تھ اسٽار وارز جي گهرائي ۾ وڃڻ تي خوش آهيان،

شرمين عبيد ۽ اسٽار وارز جو سنگم نظر اچي رهيو آهي

مون کي انهن هيروز جو سفر وڻندو آهي. هن چيو تھ مون بھ ظالم معاشرن ۾ رڪاوٽن سان وڙهندڙ اصل هيروز سان گڏ زندگي گذاري آهي، اسٽار وارز جي ڪهاڻي بھ مون وٽ ائين آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button