شوبز

پاڪستاني ڊرامن جو مشهور اداڪار طارق جميل پراچا لاڏاڻو ڪري ويو

پاڪستاني ڊرامن جو مشهور اداڪار طارق جميل پراچا لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سندس موت جي ڪارڻ جي ڄاڻ نھ ملي سگهي آهي. ميڊيا مطابق اداڪار عمران اسلم سينيئر ساٿي طارق جميل پراچا جي موت جي خبر سوشل ميڊيا تي رکي آهي. هن لکيو تھ هن سال قميتي انسان وڇڙي رهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ طارق جميل پي ٽي وي تان پروڊيوسر طور متعارف ٿيو، آنچ بلاڪ بسٽر ڊرامو بھ ڏنو، هن پيا ڪا نام ديا، ڇوٽي سي زندگي، ببن خالا ڪي بيٽيان، اڙان، سات پردو مين، دل مومن ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري پاڻ مڃايو. هوڏانهن فيصل قريشي، دانش نواز سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button