شوبز

اوندهه ۾شوٽنگ ڪرڻ سبب کليل گٽر ۾ ڪري آهيان: عائشا عمر

پاڪستان جي مشهور اداڪارا عائشا عمر چيو آهي تھ ڪيريئر ۾ ڪم دوران ٻھ ڀيرا خطرناڪ حادثن کي منهن ڏئي چڪي آهي، جنهن ۾ هڪ ڀيري کليل وڏي گٽر ۾ بھ ڪري پيس. هڪ انٽرويو دوران عائشا عمر انڪشاف ڪيو تھ ڊرامي جي شوٽنگ اوندهه ۾ ڪري رهي هئس، جنهن دوران خبر نھ پئي ۽ مان هڪ کليل گٽر جي مين هول ۾ وڃي ڪريس. هن ٻڌايو تھ مون کي پيٽ، جسم جي هيٺين حصن ۽ ڄنگهن ۾ ڌڪ لڳا، شديد تڪليف هئي، بعد ۾ سرجري ڪرائي، ٽن هفتن بعد هلي سگهيس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button