شوبز

بالي ووڊ ۾ آيس تھ ڪاري ۽ ٿلهي چئي سڏيو ويو: ڪاجل

بالي ووڊ جي شوز ۽ چنچل اداڪارا ڪاجل انڪشاف ڪيو آهي تھ بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ بعد شروعاتي دور ۾ مون کي ڪاري ۽ ٿلهي چئي سڏيو ويندو هو. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن ٻڌايو تھ انڊسٽري ۾ ڪجهه ماڻهو معمول ٺاهي ورتو هو تھ اهي مون کي ڪاري، ٿلهي ۽ چشمش چوندا ۽ چيڙائيندا، تنهنڪري مون انهن سمورين ڳالهين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ اڳتي وڌي ويس. ڪاجل جو چوڻ هو تھ مون کي ڄاڻ هئي تھ تبصرا ڪندڙن کان مان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بهتر ۽ مناسب هئس. هن چيو تھ پاڻ ۾ خوبصورتي آڻڻ جو جنون بھ جاڳيو، پر بعد ۾ آرسي آڏو بيهي پنهنجو پاڻ کي يقين ڏياريو تھ مان حسين عورت آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button