شوبز

چار سال اڳ سنگين بيماري سبب وهيل چيئر تي هئس: آئما بيگ

پاڪستان جي مشهور ڳائڻي آئما بيگ انڪشاف ڪيو آهي تھ چار سال اڳ سنگين بيماري سبب وهيل چيئر تي هئس. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران عائما بيگ ٻڌايو تھ آرٿرائٽس نالي بيماري سبب منهنجون هڏيون سڄي ويون هيون، جسم ۾ تڪليف هئي، سوڄ سبب منهنجي هڪ پير جي سائيز 36 ۽ ٻئي جي 38 ٿي وئي، اهڙي حالت هئي جو 6 مهينا پيرن تي بيهي نٿي سگهيس. هن چيو تھ ويجهو پيل گلاس هٿن ۾ کڻڻ ڏکيو هو، وزن وڌيو پئي ۽ منهنجا وار بھ ڇڻي رهيا هئا، ائين سمجهو تھ منهنجي طبيعت ڳڻتي جوڳي رهي هئي. عائما بيگ ٻڌايو تھ فلم بارهوان کلاڙي جي آڇ وقت بيماري جي آگاهي ماهرا خان کي ڏني هئي، جنهن منهنجي ڳالهه سمجهي ۽ مدد ڪئي. عائما بيگ انڪشاف ڪيو تھ شوبز ۾ اچڻ کان اڳ نوڪري ڪئي، جنهن دوران هڪ 72 ورهين جي بزرگ مون کي دوستي رکڻ جي آڇ ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button