شوبز

شيوارزينگر روڊ جا کڏا پاڻ ئي مرمت ڪري سڌا ڪري ورتا

هالي ووڊ فلمن جي ايڪشن هيرو آرنلڊ شيوارزينگر پنهنجي ئي شهر لاس اينجلس ۾ روڊن ۾ پئجي ويل کڏن سبب سخت پريشان ٿي ويو آهي، جنهن بعد هن آواز بھ بلند ڪيو ۽ روڊن جي کڏن جي پاڻ ئي مرمت ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ شيوارزينگر جون ڪجهه تصويرون سماجي رابطن واري پيج تي وائرل ٿي ويون آهن، جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو تھ هو پنهنجي هٿن ۾ بيلچو کڻي ڏامر سان روڊ جا کڏا ڀريندي ۽ سڌا ڪندي نظر اچي رهيو آهي. هن تصويرن جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ منهنجي گهر جي گهٽي ۾ روڊ کي وڏا کڏا پئجي ويا هئا، جتان گاڏين جو گذرڻ ڏکيو پئي لڳو، مون سدائين چيو آهي تھ ٻين شڪايت ڪرڻ بدران بهتر آهي تھ پاڻ ئي ڪم ڪري وٺو، مان بھ ڪيان پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button