شوبز

آمنا الياس ريشم ۽ احمد علي اڪبر سان گڏ نظر ايندي

پاڪستان جي منفرد انداز واري اداڪارا فلم اسٽار ريشم ۽ اداڪار احمد علي اڪبر سان گڏ نئين فلم گنجل ۾ اداڪاري جي جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي. ميڊيا مطابق آمنا الياس پنهنجي ايندڙ فلم جو پهرين پوسٽر پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ في الحال سندس پنهنجي ڪردار کي ناهي ڏيکاريو ويو آهي،

پر پوسٽر ۾ احمد علي اڪبر نظر اچي ٿو ۽ پوئين پاسي کان ڪجهه ٻار ڪا فيڪٽري محسوس ٿيندڙ جڳهه ۾ ڪم ڪندي نظر اچي رهيا آهن. آمنا الياس پوسٽر جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ خوشي آهي تھ مان هڪ سچي ڪهاڻي تي ٻڌل فلم گنجل جو حصو بڻجي وئي آهي، جنهن جي ڪهاڻي جذباتي ۽ مضبوط آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button