شوبز

ڪوچيلا ويلي ميوزڪ فيسٽيول ۾ علي سيٺي پسوڙي ڳائيندو

آمريڪا ۾ ڪوچيلا ويلي ميوزڪ اينڊ آرٽس فيسٽيول ۾ پاڪستاني راڳي علي سيٺي پسوڙي جا سر وکيريندي نظر ايندو. ميڊيا مطابق آمريڪي رياست ڪيليفورنا ۾ رٿيل ميوزڪ فيسٽيول ۾ ڀارت مان پنجابي راڳي دلجيت سنگهه دوسانج پڻ شريڪ ٿي رهيو آهي، جيڪو پرڏيهه ۾ رهندڙ پنجابي ڳالهائيندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ هر سال اپريل مهيني ۾ ٿيندڙ ڪوچيلا ميوزڪ فيسٽيول ۾ ڏکڻ ايشيا مان ٻھ راڳي پهريون ڀيرو شرڪت ڪندا. ان حوالي سان مداحن جي تمام وڏي تعداد چيو آهي تھ هن تهوار ۾ شرڪت جو جيڪڏهن ڪو درست وقت آهي تھ اهو هن ڀيري آيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button