شوبز

آمنا الياس خوفناڪ ڪهاڻي واري ڊرامي بندش 2 ۾ نظر ايندي

پاڪستاني اداڪارا آمنا الياس پنهنجي ايندڙ ڊرامي بندش 2 جون وڊيو جهلڪيون شيئر ڪري ڇڏيون آهن، جن مان ڊرامي جي ڪهاڻي خوفناڪ طرز واري لڳي رهي آهي. ميڊيا مطابق ڊرامي بندش 2 جي جهلڪين ۾ ڏيکاريو ويو آهي تھ هڪ عورت گهر جي ڪمري ۾ پراسرار آواز اچڻ تي اوڏانهن وڃي ٿي، ڪمري ۾ هڪ ڇوڪري کيس روئندي قيدي حالت ۾ ملندي آهي، پر هڪدم ڪٻٽ کلڻ جي آواز تي آمنا اتي پهچڻ بعد دروازو کوليندي ئي خوفناڪ منظر ڏسي ڏڪي ويندي آهي، ڇوتھ ڪمري جي بيڊ تي کيس مليل ڇوڪري اندران ملندي آهي ۽ پويان موجود ڇوڪري آهستي آهستي وجود مٽائي ختم ٿي ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button