شوبز

ابراهيم کي پنسد ڪيان ٿي، آريان خان دوست آهي: پلڪ تيواري

بالي ووڊ جي نئين اڀرندڙ اداڪارا پلڪ تيواري پٽودي نواب سيف علي خان جي وڏي پٽ ابراهيم ۽ ڪنگ آف رومانس شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان بابت دل کولي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ٻنهي بابت جذبات جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پلڪ تيواري ٻڌايو تھ مون کي ابراهيم علي خان پسند آهي، ان سان هر وقت ملڻ چاهيندي آهيان ۽ ان جي ملڻ جو انتظار هوندو آهي. هن چيو تھ آريان بھ انتهائي بهترين انسان ۽ منهنجو سٺو دوست آهي، جيڪو گهٽ ڳالهائيندو آهي، پر جيڪو بھ ڳالهائي تھ ان ۾ اثر وجهندو آهي، تنهنڪري سندس ڳالهه ٻڌي ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button