بالي ووڊ ۾ فلم ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان ذريعي ڊيبو ڪندڙ شهناز گل سان افيئر جي ڳالهين کي سندس ساٿي اداڪار راگهو جوئل رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق راگهو جوئل شهناز ۽ سندس وچ ۾ لاڳاپن تي وضاحت ڏئي افواهه ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو تھ مان فلم ڪرڻ آيو آهيان، خواهش آهي تھ ماڻهو اداڪار، ڊانسر ۽ ميزبان طور ڏسن، باقي هي سڀ افواهه جي صورت ۾ پکڙيل ڳالهين ۾ ڪا سچائي ناهي، ڇوتھ مون وٽ انهن لا وقت بھ ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close