عالمي

مڙس کي جن ڄاڻائي شادي ڪندڙ عورت طلاق جي گهر ڪري ڇڏي

برطانيا جي هڪ عورت راڪر بروڪارڊ مڙس کي جن ڄاڻائي شادي ڪرڻ بعد هاڻ ان کان بيزار ٿي طلاق جي گهر ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق 38 ورهين جي راڪر بروڪارڊ جو چوڻ آهي تھ سندس شادي ايڊورڊ نائي نالي جن سان هالووين جي موقعي تي ملاقات ٿيڻ بعد ٿي، پر هاڻ مڙس زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي. عورت ٻڌايو تھ مڙس ٻارن جيان رڙيون ڪندي روئيندو رهي ٿو، زور وزر سان رڙيون ڪري پريشان ڪري ٿو، جتي وڃان ٿي اتي پويان پهچي ويندو آهي، تنهنڪري هاڻ ساڻس گڏ وقت سٺو نھ گذري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو تھ مڙس هٿ پير ٻڌي رکي ٿو، تشدد ڪندو رهندو آهي. هن چيو تھ شڪست تسليم ڪرڻ نٿي چاهيان، پر سچ اهو آئي تھ جن سان شادي ڪري غلطي ڪئي. هن چيو تھ مڙس شادي کي سنجيدا نھ پيو وٺي، ان جو رويو ڊپريشن پيدا ڪري پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button