شوبز

ماها ڪاظمي جو علي نور تي جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام

پاڪستاني ڳائڻي ماها علي ڪاظمي ساٿي راڳي علي نور تي جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. سماجي رابطن واري پيج تي لاڳيتو اسٽوريون شيئر ڪندي ماها علي ڪاظمي علي نور تي آفيس ۾ سڏائي نشو ڪرڻ سميت ٻيا سنگين الزام بھ لڳايا آهن. ماها علي ڪاظمي جو چوڻ هو تھ علي نور ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ منهنجي آڊيشن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، مان کڻي جو ايڏي مشهور ڳائڻي ناهيان، پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي تھ تنهجي گندي آڇ قبوليان. هن چيو تھ علي نور انهن ماڻهن مان آهي جيڪي عورت کان اڳيان وڌڻ جا موقعا بھ کسين ٿا. ماها چيو تھ مون کي پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو آهي، مان ڪجهه بڻجي سگهان ٿي ۽ هاڻ مان ڪجهه ٿي ڏيکارينديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button