شوبز

ايشوريا جي ڌيءَ آراڌيا بابت مواد يوٽيوب تان هٽائڻ جو حڪم

بالي ووڊ اداڪارا ۽ اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا رائي ۽ اڀيشڪ بچن جي ڌيءَ آراڌيا بچن پنهنجي صحت جي حوالي سان غلط خبر جاري ڪرڻ تي دهلي هائي ڪورٽ ۾ پهچي شڪايتي درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي عدالت يوٽيوب کي ان حوالي سان سمور مواد هٽائڻ جو حڪم ڏيندي ذميواري محسوس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت فيصلي ۾ ٻڌايو تھ هي نياڻي چاهي اها مشهور شخصيت جو اولاد هجي يا نھ ان جو احترام لازمي آهي. هوڏانهن اڀيشڪ بچن ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ مشهور شخصيت هجڻ ناتي جنهن کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي، اهو اسان کي چئي، آراڌيا کي وچ ۾ نھ آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button